گاجي کهاوڙ (ن پ ا) گاجي کهاوڙ ۾ ٽي سي ايف قمبر طرفان هڪ رائيس مل ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ راشن آندو ويو.نعمت الله چنو، لطيف منگي، ذاڪر چنو، عورتن ذواليخان خاتون، غلام فاطمه، صنم خاتون ممتاز خاتون جو چوڻ ھو ته ٽي سي ايف جي ضلعي آفيسر پنهنجي اسڪول جي استادن، پٽيوالن ۽ ٻين عملدارن معرفت اڳواٽ لسٽون تيار ڪري من پسند ماڻهن ۾ راشن ورهايو آھي.هنن چيو ته رائيس مل جو در بند ڪري من پسند ماڻهن کي نالا کڻي سڏيو پيو وڃي.