لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ ٽيسٽ پاس ڪندڙ اميدوارن آفر آرڊر نه ملڻ خلاف ڳچين ۾ سُڪل مانيون ٻڌي احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتال ڪئي، ان موقعي تي نظير ڀٽو، شعيب عباسي، علي ڏنو گاد، آفتاب منگي ۽ ٻين چيو ته هنن سال 2009ع ۾ سنڌ يونيورسٽي جي نگرانيءَ ۾ ٽيسٽ پاس ڪئي پر ان جي باوجود کين آفر آرڊر ناهن ڏنا ويا. هنن چيو ته اسان کي نظر انداز ڪري ويٽنگ لسٽ ۾ رکي رشوت عيوض من پسند ۽ جعلي اميدوارن کي ماستري جا آرڊر ڏنا ويا، جيڪا سراسر ناانصافي آهي. هنن مطالبو ڪيو ته نوڪريون ڏئي مسئلو حل ڪيو وڃي.