ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ گاڏي چالان ڪرڻ تان جھيڙو، ٽن ڀائرن ۽ ڀيڻ گڏجي اهلڪارن تي ڪرسين سان حملو ڪري ڏنو، 2 اهلڪار زخمي، پوليس پهچي جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو، ڪيس داخل، ان ڏس ۾ ميٽروپول وٽ ڪالهه ٽريفڪ پوليس هونڊا سٽي اي وي جي 862 کي روڪي فينسي نمبر پليٽ لڳل هجڻ ۽ پوئين سائيڊ کان نمبر پليٽ لڳل نه هجڻ تي 520 رپين جو چالان ڪيو. ٽريفڪ اهلڪارن ڪار سوارن کان ڪاغذ گھريا ته ڪار سوار مڇرجي پيا، انهن ڪرسيون کڻي اهلڪارن تي حملو ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ هيڊڪانسٽيبل شهباز علي ۽ ڪانسٽيبل تحسين زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٽريفڪ اهلڪارن آرٽلري ميدان ٿاڻي جي پوليس کي طلب ڪيو، پوليس پهچي ٽنهي ڀائرن ۽ سندن ڀيڻ اسفند شاهد، عمر شاهد، علي شاهد ۽ طاهره شاهد کي گرفتار ڪري ٿاڻي منتقل ڪيو. جتي سندن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو آهي