مورو (ن پ ا) مورو ڀرسان ڳوٺ حاجي عبدالغفور ٻگھيو ۾ بي روزگاري ۽ گھرو پريشاني سبب ٻن ٻارڙن جي پيءُ 28 سالن جي پورھيت لکمير ولد حاجي وڏل ٻگھيو جيت مار دوا پي ڇڏي، جنھن کي بي ھوشي واري حالت ۾ تعلقي اسپتال مورو پھچايو ويو، جتي زھر جسم ۾ گھڻو ڦھلجڻ سبب فوت ٿي ويو، جنھن جي لاش جون قانوني گھرجون پوريون ڪرڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. نوجوان جو لاش ڳوٺ پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو.