لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ ) لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ نظام الدين ڪلهوڙو ۾ نوجوان شهمير پٽ محمد امين ڪلهوڙو پنهنجي پيءُ سان ڪاوڙجي گهر اندر زهريلي دوا پي ڇڏي، جنهن کي وارثن بيھوشي واري حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال آندو. وارثن ٻڌايو ته شهمير ڪلهوڙو پنهنجي پيءُ محمد امين سان معمولي ڳالهه تان ناراض ٿي گهر اندر زهريلي دوا پي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي اسان بيھوشي واري حالت ۾ کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽرن کيس طبي امداد ڏني وئي آهي.