ٽنڊو ڄام: ڊاڪٽر عنايت الله ڪاٺيو دنيا جي عالمي اخبارن ۾ سائنسي مضمون ۽ ٽي  وي چينلز تي وٽرينري سائنس سان لاڳاپيل پروگرام پڻ ڪندو هو، جنهن ۾ فاڪس ٽي وي، هيزليٽن ٽي وي، فلاڊيلفيا ٽي وي، پي اي ايڪس ٽي وي شامل آهن، ڊاڪٽر ڪاٺيو کي پاڪستاني ڊپلوميٽ طور به اهميت حاصل هئي، هن جا آمريڪا جي اڪثر صدرن ۽ سينيٽرن سان ويجها لاڳاپا هئا،  2002 کان امريڪا جي شهر پٽسن ۽ ميڪسيڪو ۾ سندس جانورن جي ڪلينڪ هئي، جنهن ۾ آمريڪي سينيٽر هيلري ڪلنٽن سميت آمريڪا جي مشهور شخصيتن جي پاليل جانورن جا علاج پڻ ڪندو هو.