نصيرآباد (ن پ ا) نصيرآباد جي چنا محلا ۾ گهرو اڻبڻت تان عورت صفيه زال شاهه محمد چانڊيو پکي ۾ رسو ٻڌي مبينا طور ڦاهو کائي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي، جنهن کي وارثن کڻائي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو، جتي کيس طبي امداد ڏني وئي. ان موقعي تي خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ عورت جي وارثن ٻڌايو ته صفيه پنهنجي گهر وارن سان ڪاوڙجي گهر اندر پکي ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي خودڪشي جي ڪوشش ڪئي جنهن کي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو  آهي جتي سندس علاج جاري آهي.