لاڙڪاڻو( رپورٽ: نادر ابڙو ) لاڙڪاڻي جي رحمت پور ٿاڻي جي حد نظر محلا مان مڪاني ادارن واري کاتي جي برطرف ملازم 35 ورهين جي صفر ککراڻي جو گهر مان لاش هٿ آيو. پاڙيوارن جي اطلاع تي پوليس لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ چانڊڪا اسپتال پهچايو،لاش سندس ڀيڻويي مکڻو ککراڻي حوالي ڪيو ويو.واقعي کان پوءِ صفر ککراڻي جي ڀاءُ بخت ککراڻي کي پوليس گرفتار ڪري ورتو.هوڏانهن صفر ککراڻي جو لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جتي لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو.رحمت پور ٿاڻي تي سرڪار طرفان اي ايس آءِ محمد علي جانوري جي فرياد تي بخت ککراڻي ۽ هڪ اڻ سڃاتل جوابدار مٿان ڪيس داخل ڪيو ويو.ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته جوابدارن ملڪيت جي تڪرار تان صفر ککراڻي کي قتل ڪيو آهي.پوليس موجب جوابدار بخت ککراڻي جاچ ۾ پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي جنهن کان پوءِ اهڙو ڪيس سرڪار جي فرياد تي داخل ڪري جاچ جي دائري کي وڌائي ڇڏيو آهي.