چونڊڪو (رپورٽ: ممتاز علي سومرو) سوراهه ٿاڻي جي حد چونڊڪو ۽ ڀرپاسي بدامنيءَ جي باهه پکڙجي وئي. نامعلوم موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن ڏينهن ڏٺي ڦر جي ڪوشش دوران مزاحمت تي واپاري مهيش ڪمار کي  گوليون هڻي مرڻينگ ڪرڻ بعد لکين رپيا ڦر ڪري فرار ٿي ويا. واقعي بعد زخمي واپاري ڪافي دير تائين روڊ تي بي يار و مددگار پيل رهيو، پوليس واقعي واري هنڌ نه پهتي. رستي ويندڙ ماڻهن زخمي واپاريءَ کي کڻي چونڊڪو اسپتال پهچايو. اطلاع تي سوين شهري ۽ سياسي سماجي اڳواڻ اسپتال پهچي ويا. بعد ۾ زخمي واپاريءَ کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته واپاري مهيش ڪمار بئنڪ مان پئسا ڪڍرائي دڪان تي وڃي رهيو هو ته رستي ۾ موٽرسائيڪل سوار هٿياربندن کيس يرغمال بڻائي ورتو. هوڏانهن واپاري کان ڏينهن ڏٺي جو ڦر ۽ بدامني خلاف هندو پئنچائت چونڊڪو پاران صورت مل ۽ دڪاندار ايسوسيئيشن جي سڏ تي سوين شهرين ۽ دڪاندارن احتجاجي مظاهري بعد ڪاروبار بند ڪري شٽربند هڙتال ڪري ڇڏي. واپارين مکي نريش ڪمار، ڊاڪٽر راجڪمار واڌواڻي، مهراج دليپ ڪمار ۽ ٻين جو چوڻ هو ته هڪ سازش تحت شهرين کي ڏوهارين جي رحم ڪرم ٿي ڇڏيو ويو آهي. شهري گهرن ۾ به محفوظ ناهن، پوليس امن امان جي قيام ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. ٻئي طرف ايس ايچ او سوراھ محمد خان سيال ڌرڻي واري هنڌ پهچي شهرين سان ڳالهيون ڪري 24 ڪلاڪن جي مهلت گهرندي مظاهرين کي خاطري ڪرائي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو ويندو. هوڏانهن هندو پنچائت چونڊڪو جي مکي صورت مل جو چوڻ هو ته پوليس 24 ڪلاڪن جي مهلت گهري آهي. جيڪڏهن جوابدار گرفتار نه ٿيا ته تعلقي جي ننڍن وڏن شهرن ۾ هڙتال ڪئي ويندي.