ڪراچي/ ڪوئيٽا (نمائندن وٽان/ م ڊ )  ٿاڻوبولاخان سميت ڪوھستان جي مختلف علائقن ۾ تيز طوفاني ھوائن سان گڏ ڪٿي ھلڪي ته ڪٿي تيز  برسات جو وسڪارو ٿيو، جڏهن ته برسات سبب  ٿاڻوبولاخان ايندڙ ھاءِ ٽرانسميشن لائين 132 ڪي وي جو ھڪ ٽاور نوري آباد جاکرن جي ڳوٺ ويجھو ڪري پيو. جنهن سبب بجلي بند ٿي وئي. ميرپوربٺورو ۾ تيز طوفاني برسات پئي،  برسات سبب شهر جي مختلف علائقن ۾ برساتي پاڻي بيهجي ويو. حيدرآباد سميت حيسڪو ريجن ۾ ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي برسات دوران بجلي جو نظام سخت متاثر ٿيو. حيسڪو ترجمان پڌرائي ۾ ڄاڻايو ته ٿاڻو بولاخان، ڪوٽڙي، گلشن شهباز ۽ ڪوهسار گرڊ اسٽيشنن جي فيڊرز کي بجلي فراهمي بند ٿي وئي. ترجمان موجب ڄاڻايل گرڊ اسٽيشنن جي 16 فيڊرز کي سيفٽي جي بنياد تي بند ڪيو ويو آهي .بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ تيز برساتن جو سلسلو جاري آهي. جڏهن ته طوفاني برساتن هڪ دفعو ٻيهر ٻوڏ واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي آهي. ڪوهلو ۾ لاڳيتو 9 ڪلاڪن جي برسات کان پوءِ نيصوبه ڊيم جي اسپيل وي مان پاڻي ٻاهر نڪرڻ شروع ٿي ويو آهي ۽ ندي نالن ۾ چاڙهه اچي ويو آهي. جڏهن ته شهر ۾ بجلي جي سپلاءِ پڻ معطل آهي. بولان ندي ۾ به چاڙهه آهي. جڏهن ته عارضي طور تي لڳايل پنجره پل به لڙهي وئي. سنڌ ۽ بلوچستان کي ملائيندڙ قومي شاهراهه يارو ڪازوي ۽ پنجره پل جا هنڌ به بند ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ٽريفڪ جي رواني به معطل آهي. ان کان علاوه ڪوئٽه، چمن شاهراهه تي ڪوڙڪ ٽاپ جي مختلف هنڌن تي ٻوڏ وهڪرن سبب ٽريفڪ جي روانگي متاثر ٿي رهي آهي. اهڙي صورتحال سبب ٿيندڙ مختلف حادثن ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 6 زخمي ٿي پيا. ٻئي طرف چمن، قلات، سبي، زوب، لورالائي، قلعه عبدالله، زيارت، قلعه سيف الله، مسلم باغ، خانوزئي، ٽوبه اچڪزئي، ٽوبه ڪاڪڙي، برنائي، دکي، شيراني، ڪوهلو ۽ بارکان ۾ به برسات جو سلسلو جاري آهي. ڪوهه سليمان جي پهاڙي سلسلي ۾ تيز برساتن سبب ندي نالن ۾ چاڙهه اچي ويو آهي جنهن سبب ڪيترن ئي گهرن کي نقصان پڻ پهتو. جڏهن ته ڇت ڪرڻ سبب 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ان کان علاوه قلعه عبدالله ۾ ندي جي پاڻي ۾ چاڙهه سب هڪ ڄڻو لڙهي فوت ٿي ويو. هرنائي ۽ ڪوئيٽه جو به زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي. اتر، اوڀر ۽ اولهه بلوچستان لاڳيتو مغربي سسٽم جي اثر هيٺ آهن. ليويز ذريعن موجب چمن ۾ روغاني واري علائقي ۾ ڇت ڪرڻ سبب 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.