لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ۾ ڪتن وڌيڪ 11 ڄڻن کي ڏاڙهي زخمي ڪري ڇڏيو، جن ۾ 8 ورهين جو صابر، 10 ورهين جو عنايت، 50 ورهين جو احمد علي سيال، 45 ورهين جي شبيران خاتون متاثرن ۾ شامل آهن، جن کي وارثن چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ قائم اينٽي ربيز ويڪسين سينٽر آندو، جتي سمورن زخمين کي ويڪسين ۽ علاج ڏئي گهر روانو ڪيو ويو. هوڏانهن لاڙڪاڻي ڀرسان ڳوٺ شير محمد مائري ۾ ڪتن حملو ڪري ٻني ۾ ويٺل 21 ورهين جي نوجوان نويد ڪلهوڙو کي ڏاڙهي سخت زخمي ڪري ڇڏيو.وڳڻ جي سومرا پاڙي ۾ ڪتن عبدالصمد سومرو، محمد عرس مڱڻھار، ثناءَ الله وڳڻ ۽ ھڪ نياڻي سميت پنج ڄڻن کي ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو. وڳڻ اسپتال ۾ويڪسين نه ملڻ تي کين قمبر منتقل ڪيو ويو.