ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ گم ٿيل 5 شهرين کي جلد بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، نيو ڪراچي مان گم ٿيل شهري جنيد احمد جي درخواست پيروي نه ڪرڻ سبب رد، عدالتي حڪم تي سنڌ حڪومت جبري گم ٿيل ماڻهن جي وارثن کي 5-5 لک رپيا معاوضو ڏئي ڇڏيو، ٻڌڻي دوران پوليس پاران رپورٽ جمع ڪرائي ڄاڻايو ويو ته گم ٿيل ياسين، ڌڻي بخش ۽ ٻين جي بازيابي لاءِ ڪوششون جاري آهن، انهي لاءِ جي آءِ ٽي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورس جا اجلاس ٿي رهيا آهن، عدالت پريڊي ٿاڻي جي حد مان گم ٿيل فهيم بلوچ جي واپسي ٿيڻ بعد سندس بازيابي بابت درخواست اڪلائي ڇڏي، جڏهن ته  نيو ڪراچي مان گم ٿيل شهري جنيد احمد جي درخواست پيروي نه ڪرڻ تان رد ڪري ڇڏي، عدالت گهرو کاتي، پوليس ۽ لاڳاپيل ادارن کان اڳڀرائي واري رپورٽ طلب ڪندي ٻڌڻي 6 هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي، هوڏانهن ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل عدالت کي ٻڌايو ته سنڌ جي وڏي وزير جي منظوري کانپوءِ کنڀيل ڄاڻايل 12 مان 10 ڄڻن جي وارثن کي 5،5 لک ادائگي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته بينڪ اڪائونٽس جي تصديق کانپوءِ وڌيڪ 2 ڄڻن جي خاندانن کي به 5.5 لک رپيا ڏنا ويندا، عدالت پوليس کي گم ٿيل ماڻهن جي ڳولا جاري رکڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 18 جنوري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.