رتوديرو (ن پ ا ) رتيديري ۾ خوراڪ کاتي پاران ڪڻڪ جون خريد ڪيل 3800 ٻوريون بلوچ رائيس مل ۽ قلندري رائيس مل مان مبينا طور غائب ٿي ويون آهن. ذريعن موجب ڪڻڪ ٻن واپارين منوج ڪمار ۽ غفار سيلرو ڪڻڪ وڪرو ڪري ڇڏي آهي. هوڏانهن فوڊ انچارچ ذوالفقار نوناري رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مان بنگل ديرو سينٽر جو انچارج آهيان بنگل ديرو جي قلندري رائيس مل ۽ رتوديرو جي بلوچ رائيس مل تي رکيل ڪڻڪ ٻن واپارين غائب ڪري ڇڏيون آهن، اهڙي واقعي جو ڪيس پڻ داخل ڪرائيندس.ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي الزام هيٺ آيل واپاري منوج ڪمار ٻڌايو ته فوڊ انچارج ذوالفقار نوناري پاران خريد ڪيل ڪڻڪ جي ٻورين جي مون کي ڪا به ڄاڻ نه آهي هن چيو ته بلوچ ۽ قلندري رائيس مل هن جاسينٽر ئي نه آهن. ذوالفقار نوناري ۽ غفار سيلرو جي پاڻ ۾ اها ملي ڀڳت آهي،  هن چيو ته 8 مهينا ڪڻڪ کي ٿي ويا  آهن ايترو وقت ڄاڻايل فوڊ انچارج ڪٿي هيو هي ٻئي ڄڻا ملي ڪري مون کي ڦاسائي رهيا آهن، گھر تي پوليس چڙهائي ڪري چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪري منهنجو سوشل ميڊيا ذريعي ٽرائل ڪيو پيو وڃي.هاءِ ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ به هراسان جي درخواست پڻ داخل ڪرائي آهي.خميس ڏينهن هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪندس. ڊي ايف سي لاڙڪاڻو منصور ميراڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اهو ڪيس اينٽي ڪرپشن ۾ هلي رهيو آهي وڌيڪ مان پاڻ سومر ڏينهن رتوديرو اچي صورتحال جو جائزو وٺي وڌيڪ جاچ ڪندس جڏهن ته واپاري غفار سيلرو سان رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان سان ڪو به رابطو ٿي نه سگھيو.