لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻو پوليس 8 جوابدارن کي گرفتار ڪري سندن وٽان غيرقانوني هٿيار، منشيات ۽ روڪ رقم هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ڪيٽي ممتاز پوليس قتل ڪيس ۾ گهربل جوابدار رياض عرف راجا ڦلپوٽو کي پسٽل ۽ گولين سميت، علي گوهر آباد پوليس اسدالله ٽاٽڙي کي بغير لائسنس پسٽل ۽ گولين سميت، رتوديرو پوليس منصور سولنگي، علي رضا ٻپڙ، واجد عارباڻي ۽ پنهل ڏاهاڻي کي منشيات سميت، علي گوهر آباد پوليس اياز شيخ کي منشيات سميت ۽ بقاپور پوليس گهربل منشيات فروش پٺاڻ جتوئي کي گرفتار ڪري ورتو. ٻئي پاسي سول لائين پوليس شهري علم الدين جي چوري ٿيل روڪ رقم هٿ ڪري ورتي آهي. پوليس موجب گرفتار سمورن جوابدارن مٿان اهڙي نوعيت جا ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي.