جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالغني کوسو) جيڪب آباد جي خزاني آفيس ۾ تعليم کاتي جي آڊيٽر غلام مرتضيٰ چانڊيو کان چارج واپس وٺڻ تي ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر عبدالرسول گهليجو سان گسٽا اڳواڻ نصيب الله کوسو، فرزند عمراڻي جو جهيڙو ٿي پيو، هڪٻئي کي گارگند ڪئي وئي، جڏهن ته گسٽا اڳواڻ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر کي ڌمڪيون ڏيندا رهيا، گسٽا اڳواڻن ۽ خزاني آفيس جي ملازمن ۾ جهيڙي سبب خزاني آفيس مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو، ان موقعي تي گسٽا اڳواڻ نصيب الله کوسو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ٻن سالن کان وٺي استادن جي ڪيموٽيشن، ايل پي آر سميت ٻيا بل پينڊنگ ۾ پيل آهن، استاد جيڪي سروس دوران فوت ٿي ويا آهن انهن جا وارث سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آهن جڏهن ته رٽائرڊ استاد خزاني آفيس جا چڪر ڪاٽي ڪاٽي ٿڪجي پيا آهن هر مهيني آڊيٽر کان آرڊر واپس وٺي اسان جي ڪمن ۾ رنڊڪ وڌي پئي وڃي. ايجنٽ معرفت 25 کان 30 سيڪڙو رشوت وٺي ڪم ڪيا ويندا آهن، باقي حقدار صرف ٿاٻا کائڻ تي مجبور آهن،هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته خزاني آفيس جا عملدار تعليم کاتي جي جن ملازمن يا يونين اڳواڻن خلاف ايجنٽ گيري جو الزام مڙهي رهيا آهن انهن جا نالا وائکا ڪيا وڃن جيئن اهي منظر عام تي اچي سگهن،  ان سلسلي ۾ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر مظهر مگسي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته يونين اڳواڻ بدمعاشي ڪري رهيا آهن يونين جا سوين ماڻهو هر روز ٽريزري آفيس  اچي بدمعاشي ڪن ٿا، ناجائز بل ڪرڻ لاءِ زور ڀريو وڃي ٿو. هن چيو ته روز جي بدمعاشي کان تنگ ٿي ڪري مون پنهنجي اعليٰ اختيارين کي بدلي ڪرڻ لاءِ ليٽر لکي ڇڏيو آهي ڇو ته جيڪب آباد ۾ ڪنھن به آفيسر کي بهتر نموني سان ڪم ڪرڻ نه ٿو ڏنو وڃي هاڻي تنگ ٿي ويا آهيون. ان سلسلي ۾ آڊيٽر غلام مرتضيٰ چانڊيو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته مون کان ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر چارج واپس وٺي محمد عامر جي حوالي ڪري ڇڏي آهي، ان معاملي تي گسٽا اڳواڻن ۽ ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر ۾ منهن ماري ٿي آهي منهنجو ان ۾ ڪوبه ڪردار ناهي آئون ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر جو ماتحت آهيان جتي به مقرر ڪندو اتي ڊيوٽي ڪندس.