حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ 28 نومبر کان 4 ڊسمبر تائين پوليو جي خاتمي لاءِ ٻارڙن کي ڦڙا پيارڻ واري مهم جو آغاز ٿيندو. ان سلسلي ۾ تعلقا پوليو اريڊيڪيشن ڪميٽي جي گڏجاڻي اسسٽنٽ ڪمشنر قاسم آباد گدا حسين سومرو جي صدارت ۾ ٿي. اسسٽنٽ ڪمشنر چيو ته هر ٻار کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پياري کيس موذي مرض کان بچايو وڃي. هن چيو ته مهم دوران پيش ايندڙ مسئلن کي ترجيح بنيادن تي حل ڪيو وڃي.