لاڙڪاڻو (رپورٽ نادر ابڙو) لاڙڪاڻو پوليس هيڊڪوارٽر جي گهٽي نمبر 9 ۾ جوابدارن شهيد اهلڪار عنايت الله چانڊيو  جي گهر ۾ گهڙي پوليس هيڊڪوارٽر جي وڏي منشي واحد بخش جيسر ۽ شهيد اهلڪار جي سس 62 ورهين جي زيب النساءَ زال مرحوم محمد علي چانڊيو کي يرغمال بڻائي ان جا هٿ پير کٽ سان ٻڌي وات ۾ لٽو ڏئي ٽيپ سڄي منهن کي ويڙهي کيس بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو. جڏهن ته گهر ۾ موجود نوڪرياڻي گلشاد ڪلهوڙو جي به منهن تي پلاسٽڪ ڏئي باٿ روم ۾ بند ڪري هٿياربند فرار ٿي ويا. پوليس ۽ فارنزڪ ٽيم گهر مان شاهديون ۽ فنگرپرنٽس هٿ ڪري ورتيون. عورت جو لاش گهر مان کڻائي چانڊڪا آندو ويو، جتي ڊاڪٽرياڻي زيب النساءَ جو پوسٽ مارٽم ڪري ان جي جسم جا مختلف جزا وٺي ڇڏيا، جڏهن ته مقتولا جي ڪپڙن جي ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ ليباريٽري اماڻيا ويندا.  ابتدائي رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته مقتولا کي ڏندن ۾ رت ڄميل هئي ۽ ساهه ٻوساٽجڻ جي ڪري ان جو موت واقع ٿيو آهي. پوليس لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو. لاش گهر پهچڻ تي گهر ڀاتين ۾ ڪهرام مچي ويو. ٻئي پاسي مقتولا پيرسن جي جنازي نماز پوليس هيڊڪوارٽر ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ پوليس آفيسرن، مقتولا جي وارثن سميت مختلف مڪتبه فڪر جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي بعد ۾ مقتولا جي مڙهه کي مقامي قبرستان ۾ دفنايو ويو.