ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) ڪراچي ۾ پي ايس ايل جو ميلو شروع، ملتان سطانز افتتاحي ميچ کٽي ورتي.نيشنل اسٽيڊيم  ۾ رنگارنگي تقريب ۾ پاڪستان سپر ليگ جي ستين ايڊيشن جي شروعات ٿي وئي، ملتان سلطانز ۽ ڪراچي ڪنگز ۾ افتتاحي ميچ کيڏي وئي، ملتان سلطانز ٽاس کٽي پهرين ڪراچي ڪنگز کي بيٽنگ جي دعوت ڏني، ڪنگزپهرين کيڏندي 5 وڪيٽن تي 124 رنزٺاهيا، شرجيل خان 45 ۽ ڪپتان بابراعظم 24 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا، عمران طاهر 3 ۽ شاهنواز ڏاهاڻي هڪ وڪيٽ ورتي، جواب ۾ ملتان سلطانز3 وڪيٽون وڃائي ڪاميابي ماڻي ڪپتان محمد رضوان 54 رنسون ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. افتتاحي تقريب ۾ عاطف اسلم ۽ آئمه بيگ فن جو مظاهرو ڪري پي ايس ايل کي رونق بخشي ڇڏي.