لاهور(م ڊ) مسلم ليگ(ق) جي اڳواڻ چوڌري شجاعت حسين چيو آهي ته چاهي  ڪجهه به ڪريو نوازشريف واپس نه ايندو، ان جي واپسي جي معاملي کان ٻاهر نڪري عوامي مسئلن جي حل تي ڌيان ڏيو. اڳوڻي وزيراعظم بيان ۾ چيو ته هي سال ڪم ڪرڻ جو آهي جيڪڏهن اسان اهڙن ڪمن ۾ لڳل رهياسين ته پوءِ ملڪ جو الله ئي حافظ آهي، جيڪو پاڻ وزيراعظم جو اميدوار آهي اهو نوازشريف جي واپسي جو چئي ته اها عجيب ڳالهه آهي. جيترن پئسن جو الزام نوازشريف مٿان آهي ان کان وڌيڪ ته ان جي ڪيسن جي چڪر ۾ خرچ ڪيا ويا. گارنٽي جون ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، زندگي موت جي ڪوبه گارنٽي نٿو ڏئي سگهي، ان جو اختيار رب پاڪ وٽ آهي. هن وڌيڪ چيو ته اڄڪلهه جا اڳواڻ هڪ ٻئي جون ٽنگون ڇڪڻ ۾ لڳل آهن جنهن جو انجام هي ويجهڙ ۾ ئي ڏسندا. هن چيو ته مهانگائي مهانگائي جو گوڙ ته هر طرف آهي پر ان جي خاتمي جي ڪوبه تجويز نٿو ڏئي. ڪابه پارٽي يا اڳواڻ مهانگائي جي خاتمي لاءِ ايوان ۾ مثبت پلان ڏئي ته پنهنجي ميمبرن کي چوندس ته هنن جي ڳالهه ٻڌو.