لاڙڪاڻو: معطل ڪيل جيل سپرنٽنڊنٽ لياقت پيرزادو ٻيهر بحال

0
227
لاڙڪاڻو: معطل ڪيل جيل

سنڌ جي گهرو کاتي آءِ جي جيلز جي سفارش باوجود معطل ڪيل جيل سپرنٽنڊنٽ لياقت پيرزادو کي ٻيهر بحال ڪري ڇڏيو، لياقت پيرزادو سينٽرل جيل لاڙڪاڻي جو ٻيهر سپرنٽنڊنٽ بحال ٿي ويو

 آءِ جي جيلز پاران ڪرايل انڪوائري ۾ سپرنٽنڊنٽ لياقت پيرزادو تي قيدين کي منشيات، موبائيل فون ۽ ٻيون شيون پهچائڻ جا الزام هنيا ويا هئا، آءِ جي جيلز معطل ڪيل سپرنٽنڊنٽ کي برطرف ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي

ٽائيم نيوز انڪوائري رپورٽ جي ڪاپي هٿ ڪري ورتي، رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته لياقت پيرزادو خطرناڪ قيدين کي رات جي وقت گهر وڃڻ جي  اجازت ڏيندو هو، رپورٽ موجب لياقت پيرزادو جيل ۾ قيدين کان مظاهرا ڪرائي عملي کي يرغمال بڻائڻ جا ڊراما به ڪيا