نواز شريف خلاف سموري سازش جو بينفشري عمران خان هو:مريم نواز

0
257

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) نواز ليگ جي نائب صدر مريم نواز اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي فيصلي بعد چيو آھي تھ فيصلو ٻڌندي ئي سڀ کان پهرين نواز شريف کي ٻڌايو، الله پاڪ اڄ نواز شريف کي سرخرو ڪيو

اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ ٻاھران ميڊيا سان ڳالھائيندي مريم نواز چيو تھ نواز شريف خلاف سموري سازش جو بينفشري عمران هو، نواز شريف تي الزام لڳائيندڙ شخص کي الله خوار ڪيو

مريم نواز جو چوڻ ھو تھ عمران سازش ۾ ناڪام ويو، کيس جواب ڏيڻو پوندو، عمران نيازي چيو ته اسان کي بس کيڏڻو آهي، عمران نيازي عوام جي تقديرن سان کيڏيو

عمران خان ملڪ کي اوول ۽ قذافي اسٽيڊيم سمجهيو آهي، ڇا ملڪ جي پرڏيهي پاليسي راند آهي، جيڪي به ڪوچز  آهن، انهن جو به حال اهڙو ئي ٿيندو

مريم نواز جو چوڻ ھو تھ عمران خان کي هاڻي قانون سان منهن ڏيڻو پوندو، اسان عوام جي لاءِ ڪم ڪيو آھي، عمران خان ۽ سندس ٽيم عوام کي تباھ ڪري رھيا آھن

ھي به پڙھندا

عمران خان کي عبرت جو نشانو نه بڻايو ويو ته ملڪ جي تباهيءَ جو ذميوار اسان سڀني کي سمجهيو ويندو: مريم نواز

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مريم نواز کي ايون فيلڊ ريفرنس مان آجو قرار ڏئي ڇڏيو