ڪنب ڀرسان زميني تڪرار تان فائرنگ، 2 ڄڻا مارجي ويا، 2 زخمي

0
197

ڪنب (رپورٽر) ڪنب ڀرسان سومرا ۽ ڀٽي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زميني تڪرار تيز، فائرنگ، 2 ڄڻا مارجي ويا، 2 زخمي ٿي پيا

ڳوٺ بکو لاشاري ۾ سومرا ۽ ڀٽي  برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جهيڙو ٿيو، 2 ڄڻا قتل ٿي ويا

 جهيڙي دورا ن فائرنگ ۾ بشير سومرو ۽ اعجاز احمد رند مارجي ويا، لياقت سومرو سميت 2 زخمي ٿي پيا

اطلاع تي پوليس پهچي لاش ۽ زخمين کي تعلقي اسپتال منتقل ڪيو، طبي امداد فراهم ڪئي وئي

سومرا ڌر پاران مقتول بشير سومرو جو لاش ٿاڻي آڏو رکي4  ڪلاڪن کان ڌرڻو جاري آھي

مظاھرين جو چوڻ ھو تھ بااثر سرفراز ڀٽي حملو ڪرائي بشير  سومرو کي قتل ڪرايو، 4 ڪلاڪن کان  پوليس ڪا مدد نٿي ڪري