لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) رتوديرو مان 2 ڏينهن اڳ پوليس هٿان گرفتار ٿيل جوابدار جي طبيعت خراب ٿيڻ تي پوليس بي هوشي واري حالت ۾ چانڊڪا اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو جتي ڊاڪٽر پاران گرفتار جوابدار جو علاج جاري آهي. ان موقعي تي رتوديرو پوليس جو چوڻ آهي ته منشيات وڪرو ڪندڙ رتوديرو جو رهواسي عبداللطيف کي 2 ڏينهن اڳ گرفتار ڪيو هو جيڪو نشو پڻ واپارائيدو آهي جنهن کي نشو نه ملڻ ڪري طبيعت خراب ٿي وئي آهي جنهن کي رمانڊ لاءِ عدالت پيش ڪرڻو هو طبيعت خراب ٿيڻ ڪري اسپتال آندو آهي جتي علاج ڪيو پيو وڃي.پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته گرفتار جوابدار اڳ به منشيات ڪيس ۾ جيل ۾ اندر رهي چڪو آھي.