عثمان شاھ ھڙي: (ن پ ا) عثمان شاهه هڙي ۾ روڊ حادثي سبب زخمي ٿيل ڳوٺاڻو فوت ٿي ويو. ٽنڊو آدم ٽنڊوالهيار مين روڊ قيصر سينھڙو بس اسٽاپ ڀرسان تيز رفتار ڪار ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ زوردار ٽڪر جي نتيجي۾ زخمي ٿيل گوٺ ڊپٽي عبدالحق عاقلاڻي جو رھواسي غريب پورهيت دولت خان عاقلاڻي ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش کان پوءِ زخمن جا سور نه سھندي فوت ٿي ويو. جنھن جو لاش جڏھن گوٺ پهتو ته گھر ۾ ڪھرام مچي ويو .