لاهور (م ڊ) پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 167 جي نواز ليگ جي ٽڪيٽ هولڊر نذير چوهاڻ کي گرفتار ڪيو ويو،  پوليس جو چوڻ آهي ته نذير چوهاڻ خلاف جوهر ٽائون ٿاڻي ۾ ڪيس داخل هو، نذير چوهاڻ تي ضمني اليڪشن جي مهم دوران تحريڪ انصاف جي آفيس تي حملي جو الزام آهي، پوليس موجب ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن تي تشدد ڪرڻ جو به الزام هو، نذير چوهاڻ کي سي آءِ اي پوليس حراست ۾ ورتو آهي. 17 جولاءِ تي پنجاب جي 20 تڪن ۾ ٿيل ضمني چونڊ لاءِ پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 167 تان ڊي سيٽ ٿيل پي ٽي آءِ جي اسيمبلي ميمبر نذير چوهاڻ کي نواز ليگ ٽڪيٽ جاري ڪئي هئي.