تهران (م ڊ) ايران جي ايٽمي انرجي آرگنائيزيشن جي سربراهه چيف محمد اسلامي  دعويٰ ڪئي آهي ته ايران وٽ ايٽمي بم ۽ هٿيار ٺاهڻ جون سموريون ٽيڪنيڪل صلاحيتون موجود آهن پر في الحال اهڙو ڪوبه ارادو ناهي. ايراني خابرو اداري فارس نيوز سان ڳالهائيندي محمد اسلامي اعتراف ڪيو آهي ته ايران وٽ ايٽمي بم ٺاهڻ جي فني مهارت ۽ صلاحيت موجود آهي. ڪجهه ڏينهن اڳ اصفهان جي ايٽمي اڏاوت جو معائنو ڪرڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي محمد اسلامي چيو ته هتي ايٽمي ريسرچ ري ايڪٽر جي اڏاوت جو ڪم ڪجهه هفتن ۾ باضابطه طور تي شروع ڪيو ويندو. اهڙي طرح ايران جي سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جي صلاحڪار ڪمال خرازي به هڪ بيان ۾ چيو هو ته ايران ايٽمي هٿيارن جي پيداوار ۾ دلچسپي رکي ٿو.