پشاور (م ڊ) پنجاب کانپوءِ  خيبرپختونخواهه اسيمبلي به چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا خلاف ٺهراءُ منظور ڪري ورتو. تيمور خان جهڳڙا چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف ٺهراءُ جمع ڪرايو، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته شفاف چونڊن لاءِ چيف اليڪشن ڪمشنر استعيفا ڏئي. پ پ ميمبر نگهت اورڪزئي ٺهراءُ تي احتجاج ڪندي پنهنجي سيٽ تان اٿي ۽ اسپيڪر جي سامهون اچي بيٺي. عوامي نيشنل پارٽي جي پارلياماني ليڊر سردار حسين بابڪ چيو ته ايوان کي ٺهراءُ پاس ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي، حڪومت ۾ مخالفن کي ٻڌڻ جي همت ناهي. جنهن بعد حڪومتي ميمبرن چيف اليڪشن ڪمشنر خلاف ٺهراءُ پاس ڪيو، جيڪو منظور ٿي ويو.