لاهور: (بيورورپورٽ) جوهر ٽائون ڌماڪي ۾ گاڏي منتقل ڪندڙ جوابدار کي ڳجهن ادارن گرفتار ڪري ورتو آهي. جاچ ذريعن موجب جوهر ٽائون ۾ ٿيندڙ ڌماڪي جي حوالي سان اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي. ڳجهن ادارن حملي ۾ ملوث مبينه جوابدار کي گرفتا ڪري ورتو آهي جنهن گاڏي لاهور منتقل ڪئي هئي. جوابدار جي سڃاڻپ سجاد حسين جي نالي سان ٿي آهي جيڪو منڊي بهاءُالدين جو رهواسي آهي. ڳجهن ادارن مبينه جوابدار کي منڊي بهاءُالدين مان گرفتار ڪري لاهور منتقل ڪري ڇڏيو.ڳجهن ادارن طرفان تصديق ڪئي وئي آهي ته هي اهوئي جوابدار آهي جنهن گاڏي لاهور شهر ۾ داخل ڪئي. سجاد حسين نالي گرفتار جوابدار پيٽريال ڊيوڊ سان لاڳاپن جو به اعتراف ڪيو ۽ چيو آهي ته ڊيوڊ سان 10 سالن جو پراڻو تعلق آهي اسان ٻئي رابطي ۾ هئاسين.جوابدار انڪشاف ڪيو ته مون گاڏي لاهور ضرور منتقل ڪئي پر ٽارگيٽ تائين ڪو ٻيو کڻي ويو. جاچ ذريعن موجب بم ڌماڪي جي هڪ ٻئي جوابدار جي ڳولا اڃان جاري آهي.