ڪوئيٽا(م ڊ) بلوچستان جي وڏي وزير صوبائي بجيٽ ٺهي ملڻ جي تصديق ڪئي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اسان جي ڪابينا به بجيٽ نه ڏٺي هئي، 18 جون تي ساڍي ٽين وڳي بجيٽ تيار ٿي اسان کي ملي، اسان جي ڪابينا بجيٽ ڏٺي ساڍي چئين پنجين وڳي اسان بجيٽ ايوان ۾ کڻي آياسين، پوءِ ٻڌايو ته جيڪڏهن ڪو چوي ٿو ته بجيٽ غلط آهي ته سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته جڏهن حڪومت، ڪابينا ۽ ميمبرن کي به خبر نه آهي پر مخالف ڌر کي خبر آهي ته بجيٽ ۾ ڇا آهي ته اهو ڪيئن ممڪن آهي؟ هن وڌيڪ چيو ته صوبائي اسيمبلي جي گيث تي هنگامن جي معاملي تي معافي نه ٿي ڏئي سگهجي، حڪومت ڪيس واپس نه وٺندي، هن چيو ته مخالف ڌر جي اڳواڻن کي گهٽ ۾ گهٽ ان معاملي تي معافي ته وٺڻ گهرجي. ٻئي پاسي بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال صوبائي اسيمبلي ۾ هنگامي تي مخالف ڌر اڳواڻڻ کان معافي جو مطالبو ڪري ڇڏيو. بلوچستان اسيمبلي ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي ڄام ڪمال چيو ته جيڪڏهن اسيمبلي ۾ ٿيل هنگامي کي سنجيدگي سان نه ورتو ويو ته سڀاڻي ڪير به گيٽ ٽپي اندر هليو ايندو. هن چيو ته گهٽ ۾ گهٽ اسان پنهنجي پارٽي تي اِهو الزام نٿا چاهيون ته اِها اسان جي ڪمزوري هئي، اسيمبلي جي عزت نه ٿيندي اسان جي به عزت نه ٿيندي، ٿاڻي ۾ پريس ڪانفرنس ڪرڻ جي اُها اهميت ناهي جيڪا ايوان ۾ آهي. ڄام ڪمال جو چوڻ هو ته جلسن جلوسن سان صوبا ترقي ناهن ڪندا، مخالف ڌر ترقياتي ڪم نه ٿيڻ تي خوش آهي پر مخالف ڌر حڪومت کي بليڪ ميل نه ڪري، مخالف ڌر ايوان ۾ اچي اسان سان ڳالهيون ڪري ۽ لازمي ناهي ته اسان سڀ ڳالهيون قبول ڪيون، مخالف ڌر کي ووٽ ماڻهن کي ٿاڻن ۾ رهڻ لاءِ ناهي ڏنو ان ڪري مخالف ڌر ميمبر اچن ۽ ڳالهيون ڪن، هتي سموريون ڳالهيون ريڪارڊ تي هونديون.