اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل بابر افتخار دهشتگردي خلاف جنگ کٽڻ جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته ملڪ دشمن عنصرن ۽ دهشتگردن دهشتگردي سان گڏ پاڪستان جي عالمي وقار ۽ تشخص کي نقصان پهچايو، اڄ به ان جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.اسلام آباد ۾ نيشنل اميچوئر شارٽ فلم فيسٽيول جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ اسان تقريبن کٽي چڪا آهيون، هاڻي وقت اچي ويو آهي ته اسان پاڪستان جي تاثر کي بهتر بڻايون، هن چيو ته پاڪستان جي حقيقت تمام گهڻي خوبصورت آهي، هن چيو ته فيسٽيول ذريعي دنيا کي پاڪستان جو هاڪاري چهرو ڏيکاريو ويندو، فيسٽيول ۾ نوجوانن کي صلاحيتون ڏيکارڻ جو موقعو ملندو، فيسٽيول ذريعي پاڪستان جي ثقافت دنيا ۾ اجاڳر ٿيندي.