اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته انگريزي ڳالهائڻ ۽ انگريزي ڪپڙا پائڻ روشن خيالي نه پر احساس ڪمتري آهي، پاڪستانيت کي هٿي ڏيئڻ گهرجي. نيشنل شارٽ فلم فيسٽيول کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته اسان کي دهشتگردي خلاف آمريڪا جي جنگ ۾ شامل ئي نه ٿيڻ گهرجي ها، مون مخالفت ڪئي ته طالبان خان سڏيو ويو. هن چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پهرين اسان کي انتهاپسند ۽ بنياد پرست سڏي ڪمزور ڪيو ويو بعد ۾ روشن خيالي اپنائڻ جا سبق پڙهايا ويا. عمران خان چيو ته ماڻهن سمجهيو ته انگريزي ڳالهائين ۽ سوٽ پائين ته اها پاڪستان جي روشن خيالي هوندي، مونکي اڄ تائين اهو لفظ سمجهه ۾ نه آيو آهي. هن چيو ته روشن خيالي ڪابه شيءَ ناهي، اها اسان جي احساس ڪمتري آهي، دنيا ان جي عزت ڪندي آهي جيڪو پنهنجي عزت پاڻ ڪندو آهي. عمران خان چيو ته هي پاڪستان ۾ نئين شروعات آهي، مون کي شارٽ فلم ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي، هاڻي اسان صحيح طرف وڃي رهيا آهيون، پاڪستان جي فلمي صنعت جو ارتقائي عمل مون ڏٺو آهي، منهنجي خيال ۾ اسان شروع ۾ غلط طرف وڃڻ شروع ٿياسين، اسان ڀارتي فلم انڊسٽري کان متاثر هئاسين، بنيادي طور تي اسان ان کي ڪاپي ڪرڻ شروع ڪيو، پاڪستاني يا پنهنجي اصل سوچ بجاءِ ٻئي جي ثقافت کي تنقيدي جائزو وٺڻ کانسواءِ اختيار ڪيو، هن چيو ته 60 ۽ 70 جي ڏهاڪي ۾ ڀارتي فلم ڏسڻ لاءِ ڪابل ويندا هئا جنهن جو سبب ۽ سوچ اها هئي ته اها بهتر انڊسٽري آهي اگر اسان ان جي ڪاپي ڪنداسين ته ماڻهو اسان کي ڏسندا، هن چيو ته اسان جي ٽي وي تي تمام مختلف ڪلچر اچڻ شروع ٿي ويو هو ۽ اسان جي ٽي وي ڀارت ۾ ڏسجڻ شروع ٿي وئي هئي، دنيا ۾ اصل شئي وڪرو ٿيندي آهي نقل جي اهميت ناهي هوندي، مهانگي کان مهانگي پينٽنگ وٺو ان جي سٺي ڪاپي ڪري وٺو پر ان جو ڪو قدر ناهي، دنيا رڳو اصل کي اهميت ڏيندي آهي، هن چيو ته مون کي شوڪت خانم اسپتال ٺاهڻي هئي ته مان نصرت فتح علي خان کي پرڏيهي دورن تي وٺي ويو هئس ته وڏا وڏا انگلش پاپ اسٽار به ان جا گڻ ڳائڻ لڳا، بعد ۾ ڪئي پاڪستاني پاپ اسٽارن مون کي چيو ته مان هنن کي به متعارف ڪرايان، پر انهن جي ڪا اهميت نه هئي، ڇو ته اهي مغربي بينڊس جي ڪاپي ڪندا هئا، نصرت فتح علي خان جي اهميت هئي اگر اهو وفات نه ڪري وڃي ها ته مغرب ۾ اهو وڏو نالو بڻجڻ لڳو هو، ڇو ته اهي هن جي هنر جي وڏي عزت ڪندا هئا، مان چاهيان ٿو ته اسان جي فلمي صنعت ۾ ڪجهه اصل ۽ نئين سوچ اچي، جڏهن وزيراعظم ٿيس ته اهو ئي چيو ته اسان جي فلمن ۾ نئون مواد گهٽ آهي اسان هالي ووڊ يا بالي ووڊ کان متاثر آهيون، مون کي بار بار اهو چيو ويو ته اگر ڪمرشل مواد نه آڻيون ٿا ته ماڻهو ڏسن ئي نه ٿا ۽ اسان جون فلمون ناڪام ٿي وڃن ٿيون، هن چيو ته هالي ووڊ ۾ فحاشي کي هٿي ڏني وئي، جتان اها ٿيندي بالي ووڊ تائين آئي ۽ هتي به ان طرح جي ڪلچر کي هٿي ڏني وئي، مان ان وقت صدر رجب طيب اردگان کي درخواست ڪري ارتغل ڊرامو پاڪستان کڻي آيس، جنهن هڪ متبادل ثقافت جنهن کي ماڻهن ڏسڻ پئي چاهيو، هن چيو ته نوان فلمساز ناڪامي کان نه گهٻرائن، پنهنجي اصل شئي کڻي اچن اهو منهنجي زندگي جو تجربو آهي، جيڪو شخص هار کان ڊڄندو آهي اهو ڪڏهن کٽي نه ٿو سگهي، هميشه سوڀ ان جي ٿيندي آهي جيڪي وڏا وڏا خطرا کڻي وٺي، هن چيو ته پاڪستان ۾ سڀ کان وڌيڪ آمدني جو سبب سياحت ٿيندي، هن وقت تائين ان تي ڌيان نه ڏنو ويو، اسان تاريخي ۽ مذهبي سياحت تي ڌيان ڏئي رهيا آهيون، پاڪستان ۾ منفرد پهاڙي سلسلو آهي، اهڙو پهاڙي سلسلو ڪٿي ناهي، ڇو ته دنيا جون اڌ بلند چوٽيون اسان جي ملڪ ۾ آهن.