اسلام آباد (بيورو رپورٽ) توانائي واري وفاقي وزير حماد اظهر چيو آهي ته ايف اي ٽي ايف تي اپوزيشن جو بيانيو افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته فيٽف ۾ ڪاميابي تحريڪ انصاف جَي دور ۾ ملي، هاڻي پاڪستان کي بليڪ لسٽ ۾ شامل ڪرڻ واريون ڳالهيون ختم ٿي ويون آهن، فيٽف جو صدر هاڻ پاڪستان جي تعريف ڪري رهيو آهي، اپوزيشن کي ان کان نه ڊڄڻ گهرجي، اپوزيشن پنهنجي سياست لاءِ ملڪ کي نقصان نه پهچائي، هن چيو ته تحريڪ انصاف نواز ليگ جي ڀيٽ ۾ ايل اين جِي جو سستو سودو ڪيو، شاهدخاقان عباسي وٽ رشوت وٺڻ جا ثبوت آهن ته پيش ڪري.