واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر جوبائيڊن افغانستان مان فوج جي واپسي باوجود فوجي ۽ مالي امداد جاري رکڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته آمريڪا جي سڀ کان ڊگهي جنگ کي ختم ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، جڏهن ته افغان صدر به فوج جي واپسي واري فيصلي جي حمايت ڪري ڇڏي آهي. صدر اشرف غني سان ملاقات ۾ پرڏيهي فوجين جي افغانستان مان نڪرڻ کان پوءِ به تعاون ۽ هر ممڪن مدد ڪرڻ جو يقين ڏياري ڇڏيو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب افغان صدر اشرف غني پنهنجي آمريڪي هم منصب سان ملاقات جي لاءِ ڊاڪٽر عبدالله عبدالله سان گڏ واشنگٽن پهتو هو. جتي هن ڪيپيٽل هل ۽ پينٽاگون جو دورو ڪيو. دوري دوران آمريڪي بچاءُ وارو وزير لائيڊ آسٽن، اسپيڪر نينسي پلوسي ۽ ڪانگريس جي ميمبرن سان ملاقاتون ڪيون. ان ملاقاتن کان پوءِ افغان صدر اشرف غني وائٽ هائوس پهتو ۽ آمريڪي صدر جوبائيڊن سان ملاقات ڪئي. ٻنهي اڳواڻن افغانستان مان پرڏيهي فوجين جي نڪرڻ کانپوءِ پيدا ٿيندڙ صورتحال جي حوالي سان ڳالهيون ڪيون. ملاقات دوران آمريڪي صدر جوبائيڊن افغانستان جي لاءِ فوجي ۽ مزلد مدد جاري رکڻ جو يقين ڏياريندي چيو ته آمريڪا ۽ افغانستان وچ ۾ ڀائيواري ختم نه پر وڌيڪ قائم رهندي. صدر جوبائيڊن افغان صدر اشرف غني ۽ ڊاڪٽر عبدالله عبدالله کي مخاطب ٿيندي چيو ته اسان اوهان سان گڏ بيٺل آهيون پر افغانستان جي اڳواڻن کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪرڻو آهي. اسان طرفان مدد ۾ گهٽتائي نه ايندي، افغانستان ۾ تشدد هر صورت ختم ڪرڻ گهرجي. آمريڪا جي سڀ کان ڊگهي جنگ کي سميٽڻ جو وقت اچي ويو آهي. ان موقعي تي افغان صدر آمريڪي صدر جي يقين ڏيارڻ تي ٿورو ادا ڪندي چيو ته مان صدر جوبائيڊن جي آمريڪي فوجين جي افغانستان مان نڪرڻ جي فيصلي جو احترام ڪريان ٿو ۽ افغانستان ۾ دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ جانيون قربان ڪندڙ آمريڪين کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته افغانستان نجي عوامي ۽ اڳواڻن ۾ اتفاق، سيڪيورٽي فورسز جي عزم ۽ آمريڪا سان ڀائيواري سان مسئلن تي ڪنٽرول ڪري وٺنداسين، اڄ افغان فورسز 6 ضلعا واپس حاصل ڪري ورتا آهن، هي وڏي منتقلي جو وقت آهي پر اسان مسئلن کي حل ڪري وٺنداسين.

دوحه (م ڊ) طالبان چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪي فوجي افغانستان مان واپس نه ويا ته رد عمل ڏيڻ جو حق محفوظ رکون ٿا. قطر جي خابرو اداري سان ڳالهيون ڪندي طالبان جي ترجمان سهيل شاهين چيو ته جيڪڏهن 11 سيپٽمبر 2021ع تائين آمريڪي فوجي افغانستان مان واپس نه ويا ته اها دوحه ۾ ٿيندڙ امن معاهدي جي ڀڃڪڙي هوندي جنهن تي طالبان ويڙهاڪ سخت رد عمل ڏيڻ جو حق رکن ٿا. واضح رهي ته عالمي خبرون ڏيندڙ اداري سان ڳالهيون ڪندي آمريڪي عهديدارن ٻڌايو هو ته افغانستان مان آمريڪي سفارتي عملي جي حفاظت لاءِ 650 فوجي اهلڪار موجود رهندا جڏهن ته باقي ٻيا فوجي اهلڪار هلندڙ سال 11 سيپٽمبر تائين واپس موٽي ويندا. آمريڪي عهديدار جي ان بيان بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ طالبان ترجمان سهيل شاهين جواب ڏنو ته امن معاهدي ۾ اهو طئي ٿيو هو ته آمريڪا افغانستان مان پنهنجن سمورن فوجي دستن، صلاحڪارن ۽ ڪنٽريڪٽرز کي واپس گهرائيندو. سهيل شاهين وڌيڪ چيو هو ته هاڻ جيڪڏهن 650 فوجي اهلڪار ڪنهن به بهاني سان واپس نه ويا يا هڪ به پرڏيهي فوجي افغانستان ۾ رهيو ته اهو معاهدي جي سڌي سنئين ڀڃڪڙي آهي جنهن تي طالبان به ڪارروائي ڪرڻ ۾ آزاد هوندا. طالبان جي ترجمان وڌيڪ چيو ته پرڏيهي فوجي ڪنهن به مقصد جي لاءِ افغانستان ۾ موجود رهيا ته ان کي ملڪ مٿان قبضو سمجهيو ويندو. آمريڪا کي معاهدي جي پاسداري ڪرڻ گهرجي ٻي صورت ۾ ڪنهن به صورتحال جي ذميواري به ان مٿان هوندي.