شاھنواز ڏاھاڻي لاڙڪاڻو واسين جو به فخر ۾ ڳاٽ اوچو ڪيو آهي:بلاول ڀٽو

0
1026

ڪراچي (رپورٽر) شاهنواز ڏاهاڻي نه رڳو پاڪستانين جي دل خوش ڪئي، پر لاڙڪاڻو واسين جو به فخر ۾ ڳاٽ اوچو ڪيو آهي، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري طرفان پي ايس ايل جي هيرو شاهنواز ڏاهاڻي کي شاندار ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي واڌايون، جاري ٿيل بيان ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻين صوبن جيان سنڌ جا نوجوان به حوصلي ۽ صلاحيتن جا مالڪ آهن، رڳو کين موقعو ڏيڻ جي ضرورت آهي، رانديون صحتمند معاشري لاءِ لازمي آهن، رانديگرن جي حوصلي سان گڏ سهولتون ڏيڻ جي به ضرورت آهي.