لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ ظل شاهه قتل ڪيس ۾ ضمانت لاءِ درخواست داخل ڪري ڇڏي، جسٽس علي ضياءَ ڪيس ٻڌڻ کان معذرت ڪري ڇڏي، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي ظل شاهه قتل ڪيس ۾ ضمانت جي درخواست ڏني، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ته پوليس بي بنياد ۽ ڪوڙ ڪيس داخل ڪيو آهي، حڪومت پاران انتقام جو نشانو بڻايو پيو وڃي، عدالت عبوري ضمانت منظور ڪري، عمران خان استدعا ڪئي ته ڪيس ۾ ضمانت لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پيش ٿيڻو آهي، سيڪيورٽي خدشا آهن جنهن ڪري گاڏي لاهور هاءِ ڪورٽ اندر آڻڻ جي به اجازت ڏني وڃي. جڏهن ته جسٽس علي ضياءَ ذاتي سبب جي ڪري ڪيس ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جسٽس علي ضياءَ درخواست وڌيڪ ٻڌڻي لاءِ چيف جسٽس ڏانهن اماڻي ڇڏي ۽ اڄ ئي درخواست تي ٻڌڻي جي سفارش به ڪئي.