اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان ۽ افغانستان بابت آمريڪا جي اڳوڻي خصوصي نمائندي زلمي خليل زاد خدشو ظاهر ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ عدم استحڪام سڄي خطي کي غير مستحڪم ڪري سگھي ٿو ۽ جنگ جو سبب بڻجي سگھي ٿو، زلمي خليل زاد تازو ئي پاڪستان جي صورتحال تي ڪيترائي ٽوئيٽس پوسٽ ڪيا آهن، خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ جڏهن زلمي خليل زاد کان پڇيو ويو ته پاڪستان ۾ سندس وڌندڙ دلچسپي جو سبب ڪھڙو آهي ته هن چيو ته آئون پاڪستان ۾ تيزي سان خراب ٿيندڙ معاشي، سياسي ۽ سلامتي جي بحران بابت فڪرمند آهيان، پاڪستان غير مستحڪم، غريب ۽ گھٽ محفوظ ٿيندو پيو وڃي. هن نشاندهي ڪئي ته عدليا ۽ فوج سوڌو رياستي ادارا اندروني طور تي سياست جو شڪار ٿي رهيا آهن ۽ جيڪڏهن ملڪ ائين ئي هلندو رهيو ته پاڪستان ۽ ان جي عوام لاءِ هڪ الميو هوندو، معاشي سرگرميون ٺپ ٿي وينديون، غربت وڌندي، شهري بدامني زندگي کي درهم برهم ڪري ڇڏيندي.