اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ٿري ايم پي او تحت گرفتار پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهه محمود قريشي جي نظربندي ڪالعدم قرار ڏيڻ ۽ آزادي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو لکت ۾ حڪمنامو جاري نه ٿي سگهيو، عدالت حڪم ڏنو هو ته شاهه محمود قريشي انڊر ٽيڪنگ ڏئي ته اڳتي ان قسم جو احتجاج جو حصو نه بڻجندو، عدالت ڪنهن به قسم جي تشدد تي ڀڙڪائڻ کان به پري رهڻ جي انڊر ٽيڪنگ گهري هئي، شاهه محمود پاران اهڙو حلف نامو جمع نه ڪرايو ويو، شاهه محمود لکت ۾ اهڙي ڪا به ضمانت ڏيڻ کان ڪيٻائي رهيو آهي جنهن ڪري عدالتي فيصلو لکت ۾ جاري ناهي ٿي سگهيو ۽ شاهه محمود جي وڪيل عدالت کان انڊر ٽيڪنگ لاءِ مهلت گهري آهي.