قيامت جي ڏينهن چوندس مون سان انصاف ڪيو: مسجد نبوي واقعي تي شاهزين بگٽي جو رد عمل

0
526
قيامت جي ڏينهن چوندس

عوامي جمهوري وطن پارٽي جي اڳواڻ شاهه زين بگٽي گذريل ڏينهن مسجدِ نبوي ۾ پيش آيل واقعي تي رد عمل ظاهر ڪيو آهي

وفاقي وزير شاهه زين بگٽي پنهنجي ٽوئٽر اڪائونٽ تي مسجد نبوي ۾ پيش آيل واقعي تي بيان ڏنو

هن چيو ته سڀاڻي قيامت جي ڏينهن ٻنهي جهانن جي آقا آڏو چوندس ته مان اوهان گهر آيو هئس، منهنجا وار پٽيا ويا، مون سان انصاف ڪيو، انشاءَ الله بهترين انصاف ٿيندو

هن چيو ته مريم اورنگزيب جي عزت کي ڇيهو رسي ها ته بلوچ نالي تي داغ لڳي وڃي ها، سڀني کي ڀينرن جو احترام ڪرڻ گهرجي

ھي به پڙھندا

حلف ڇو نٿا کڻائين؟ حمزه شهباز ٽيون ڀيرو عدالت پهچي ويو