لاهور (م ڊ) عدالتي حڪم نظرانداز: گورنر حمزه شهباز کي حلف نه کڻايو، پنجاب 26 ڏينهن کان وزيراعليٰ بنا هلڻ لڳو، پنجاب ۾ آئيني بحران شديد ٿي ويو، لاهور هاءِ ڪورٽ جي حڪم باوجود گورنر پنجاب نئين چونڊيل وزيراعليٰ پنجاب حمزه شهباز کي حلف نه کڻايو، 16 اپريل تي چونڊيل وزيراعليٰ حمزه شهباز کان ڪالهه رات تائين حلف نه ورتو ويو ۽ نه وري ڪو نمائندو مقرر ڪيو ويو، جنهن ڪري صوبي ۾ شديد آئيني بحران پيدا ٿي ويو آهي، 26 ڏينهن کان پنجاب وزيراعليٰ بنا هلي رهيو آهي، جڏهن ته تحريڪ انصاف ۽ ق ليگ چونڊيل وزيراعليٰ حمزه شهباز کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، تحريڪ انصاف ۽ ق ليگ چونڊيل وزيراعليٰ پنجاب حمزه شهباز کان حلف وٺڻ بابت لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪندي اپيل ۾ چيو آهي ته عدالت وٽ گورنر ۽ صدر خلاف ڪارروائي جو اختيار نه آهي، سنگل بينچ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. ٻئي طرف اسپيڪر پنجاب اسيمبلي پرويز الاهي به عثمان بوزدار کي ئي وزيراعليٰ چوڻ تي اصرار ڪندي حمزه شهبازشريف جي چونڊ ئي غيرآئيني قرار ڏني آهي ۽ عدالتي حڪمن کي به نظرانداز ڪيو آهي، اسپيڪر پنجاب اسيمبلي پرويز الاهي جو چوڻ آهي ته وزيراعليٰ جي چونڊ ٿي ئي ناهي، ڪير ٿو چوي ته آئيني بحران آهي، اڄ به عثمان بوزدار وزيراعليٰ آهي، پرويز الاهي چيو ته عدليا فيصلو ڪري ته ان کي پنجاب هلائڻو آهي، پوليس ذريعي صوبو هلڻو آهي يا شهباز شريف وفاق کان پنجاب کي هلائيندو، عدليا ايوان جي ڪارروائي ۾ ڪنهن به قسم جي مداخلت نٿي ڪري سگهي، سمورن ادارن سميت عدليا کي پنهنجو ڪم ڪرڻ گهرجي، ساڳئي ڳالهه سپريم ڪورٽ به چئي چڪي آهي. قانونسازي به عدالتن کي ڪرڻي آهي ته پوءِ هيڏانهن هليا اچن. پرويز الاهي چيو ته هن وقت جيڪا صورتحال پيدا ٿي آهي ان جو ذميوار ڪير آهي؟ چونڊون ڪرائڻ جو آرڊر عدالت جو هو، جنهن کي اسان سڀني مڃيو آهي. پوليس سمورو معاملو خراب ڪيو. شهباز شريف ۽ حمزه جي چوڻ تي حملو ٿيو. ڊپٽي اسپيڪر ڀڄي وزيٽر گيلري ۾ هليو ويو، وزيٽر گيلري مان چونڊ ڪرائي وئي. اها اليڪشن ناهي ٿي. ڪير پيو چئي ته اليڪشن ٿئي آهي. ڪير ٿو چوي ته صوبي ۾ آئيني بحران آهي. عثمان بزدار اڄ به پنجاب جو وڏو وزير آهي. پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته جيستائين نئون وڏو وزير حلف نٿو کڻي پراڻو وڏو وزير برقرار رهندو. اڄ به ڏيڍ سئو ماڻهو اڇن ڪپڙن ۾ اسيمبلين ۾ ڇو ويٺل آهن. اسان انهن جون تصويرون ٺاهي رهيا آهيون جنهن کانپوءِ خبر پوندي ته ڪهڙي ڪهڙي ٿاڻي جا ماڻهو ويٺل آهن. شريفن کان ڪير پڇڻ وارو ناهي. شريفن جو اصل چهرو سامهون اچي ويو آهي. پرويز الاهي وڌيڪ چيو ته عورت اسيمبلي ميمبر آسيه امجد اڄ به وينٽي ليٽر تي آهي. ان جو ذميوار شهباز شريف، حمزه، آءِ جي ۽ ڊپٽي اسپيڪر آهي. شهباز شريف آءِ جي کي چيو، جنهن تي اسيمبلي ۾ پوليس آئي. پنجاب اسيمبلي جا 5 هزار ملازم آهن جيڪي گرفتارين خلاف احتجاج ڪندا. هن چيو ته الله قوم کي شريفن جو اصل چهرو ڏيکاري ڇڏيو، پنج سالن بعد هنن کي اقتدار مليو آهي، شريف هر ڀيري بد کان بدتر ٿي آيا آهن، هنن کي ڪير ليکيندو نه هو، گهٽين ۾ گهمندا رهندا هئا.