اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي بيانن جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، پيمرا کان پشاور جي ڪنوينشن ۾ عمران خان جي خطاب جو رڪارڊ طلب ڪيو ويو آهي،  عمران خان پنهنجي خطاب ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر کي نواز ليگ جو ايجنٽ قرار ڏنو هو، اليڪشن ڪميشن جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان۾ چيو ويو آهي ته ڪميشن آئيني ادارو آهي، سمورا فيصلا آئين ۽ قانون جي روشني ۾ ٿيندا آهن، ڪميشن ۾ انفرادي طور فيصلا ٿيڻ وارو تاثر بي بنياد آهي، هيل تائين سمورا فيصلا اتفاق راءِ سان ٿيا آهن ۽ هڪ به فيصلي تي اختلافي نوٽ ناهي آيو، بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته اليڪشن ڪميشن جي چيئرمين ۽ ميمبرز ۾ مڪمل هم آهنگي آهي، ملڪي مفاد ۾ بنا ڪنهن دٻاءُ جي آئين ۽ قانون تحت فيصلا ڪيا ويندا، اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ، خرم شير زمان ۽ سينيٽر اعجاز چوڌري جي بيانن جو به نوٽيس وٺي ڇڏيو، ڪميشن خلاف سندن بيانن جو رڪارڊ طلب ڪيو ويو.