حلف ڇو نٿا کڻائين؟ حمزه شهباز ٽيون ڀيرو عدالت پهچي ويو

0
154

لاهور: پنجاب جي نئين چونڊيل وڏي وزير حمزه شهباز حلف نه کڻائڻ خلاف ٽيون ڀيرو لاهور هاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪيو آهي

حمزه شهباز شريف درخواست ۾ وفاقي حڪومت ۽ پنجاب حڪومت کي ڌر بڻايو آهي، درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته عدالت حلف برداري بابت حڪم جاري ڪري چڪي آهي، پر عدالتي حڪم تي عملدرآمد نه ٿي رهيو آهي، گورنر هڪ ڀيرو ٻيهر عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي ڪندي حلف کڻائڻ کان انڪار ڪيو

واضح رهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ گورنر پنجاب کي حمزه شهباز کي حلف کڻائڻ جو حڪم ڏنو پر اڃا تائين وڏي وزير کي حلف ناهي کڻايو ويو

ھي به پڙھندا

حمزه جي حلف ۾ دير ڪندڙن تي غداري جا ڪيس هلڻ گهرجن: مريم نواز