معيشت سان گڏ پرڏيهي پاليسي به نئين حڪومت لاءِ چئلينج

0
138
سنڌ حادثاتي موتن جو ميدان

پاڪستان هن وقت جنهن چئلينجز کي منهن ڏئي رهيو آهي انهي ۾ سڀ کان وڏو چئلينج معيشت آهي ڇاڪاڻ ته ڪو به ملڪ معاشي بهتري کان سواءِ اڳتي نه ٿو وڌي سگهي نه ئي وري ڪا حڪومت خراب معيشت ۾ عوام کي ڪو رليف پهچائي سگهي ٿي  ڀلي اها کڻي ڪيتريون به ڪوششون ڪري پر انهن ڪوششن جي ڪاميابي معيشت سان ئي سلهاڙيل آهي. جڏهن ته جيڪو ٻيو چئلينج آهي اهو پنهنجي آزاد خودمختيار پرڏيهي پاليسي  جوڙڻ آهي جنهن جو به سڌو يا اڻ سڌو واسطو انهي معيشت سان لاڳاپيل آهي ڇاڪاڻ ته معاشي طور مضبوط ملڪ ئي پنهنجي آزاد پرڏيهي پاليس رکڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهندا آهن نه ته ڪمزور معيشت وارا ملڪ جن جو دارومدار قرضن ۽ امداد تي هوندو آهي نه چاهيندي به پنهنجي پاليسي ۾ لچڪ ڏيکاريندا رهندا آهن جيڪڏهن نه ته انهن جي معيشت تي ان جا خراب اثر پوندا آهن. سو هن وقت پاڪستان لاءِ به پنهنجي پرڏيهي پاليسي چئلينج بڻيل آهي جنهن کي بهتر ڪري ئي ملڪ اڳتي وڌي سگهي ٿو جيڪو  نئين حڪومت ۽ خاص ڪري نئين پرڏيهي وزير جو امتحان هوندو جيڪو هن وقت ملڪ جي وڏين پارٽين ۾ شمار ٿيندڙ هڪ پارٽي جو سربراهه پڻ آهي ۽ ملڪ جي پرڏيهي پاليسي ئي هن وقت سياست جو سڀ کان وڏو بحث جو موضوع آهي.

عمران خان پنهنجي خلاف بي اعتمادي جي رٿ کانپوءِ جيڪو بيانيو ٺاهيو آهي ته سندس حڪومت پرڏيهي سازش ذريعي ختم ڪئي وئي ان جو سڌو سنئون تعلق پرڏيهي پاليسي سان آهي جيڪو بيانيو ڪنهن حد تائين عام راءِ ۾ مقبوليت به ماڻي رهيو آهي. جڏهن ته ان وقت جي مخالف ڌر معيشت جي تباهي جو ذميوار عمران خان جي حڪومت کي قرار ڏئي انهي بي اعتمادي جي رٿ کي آڻڻ جو جواز ڄاڻائي رهي آهي. بهرحال ڇا به هجي پر پرڏيهي پاليسي ۽ معيشت ٻئي هڪٻئي سان ڳنڍيل آهن جن کي بهتر بڻائڻ کانسواءِ ملڪ اڳتي وڌي نه ٿو سگهي.ٻه ڏينهن اڳ  بلاول ڀٽي پرڏيهي وزير طور حلف کنيو آهي جنهن  جي آڏو اهو وڏو چئلينج آهي ته هڪ طرف عمران خان جو بيانيو آهي جنهن کي عام ماڻهو ۾ مقبوليت ملي رهي آهي ته ٻئي طرف معاشي خرابي آهي جيڪا حڪومت لاءِ ڏکيايون پيدا ڪري رهي آهي، اهڙي وقت ۾ پرڏيهي وزارت ڪهڙي ٿي پاليسي ٺاهي جنهن سان نانگ به مري ته لٺ به بچي.

ڇاڪاڻ ته دنيا هن وقت اڻ اعلانيل  طور ٻن بلاڪن ۾ ورهايل آهي هڪڙي پاسي چين آهي ته ٻئي پاسي آمريڪا آهي.آمريڪا خلاف عمران خان مهم هلائي رهيو هي ان جي هوندي موجوده حڪومت لاءِ ڪنهن به ريت اکيون ٻوٽي آمريڪا جي پاسي ٿي بيهڻ ممڪن نظر نه ٿو اچي جنهن سان عمران جي بيانيي کي هٿي ملي  ته ٻئي طرف وري تازو ڪراچي ۾ چيني شهرين تي دهشتگرد حملو ٿيو آهي جنهن ۾ چين جا ٽي شهري مارجي ويا آهن جنهن سان چين به ڪاوڙيل آهي جڏهن ته پاڪستان انهي حملي کي چين پاڪ دوستي تي حملو قرار ڏنو آهي.ظاهر آهي اهڙي وقت ۾ جڏهن پاڪستان ۾ ذري گهٽ سياسي عدم استحڪام جي صورتحال هجي پاڪستان مخالف قوتون به ان مان ڀرپور فائدو وٺي پاڪستان کي عالمي طور اڪيلو ڪرڻ جي پنهنجون سازشون به ڪنديون هونديون جنهن کي ناڪام بنائڻ ئي پرڏيهي وزارت جو پهريون امتحان هوندو.

اسان سمجهون ٿا ته پاڪستان هن خطي جو اهم ملڪ آهي جنهن جي جاگرافي بيهڪ جي ڪري ان جي دنيا ۾ اهميت به آهي ته اهو مخالفن جي نظرن ۾ به آهي.تنهن ڪري پاڪستان کي پنهنجي پرڏيهي پاليسي کي محتاط انداز ۾ ٺاهڻو ۽ هلائڻو پوندو.نئون پرڏيهي وزير توڙي جو نوجوان آهي پر هو ملڪي توڙي عالمي سياست کان بخوبي واقف پڻ آهي تنهن ڪري اها اميد ڪري سگهجي ٿي ته هو پنهنجي اهليت سان ملڪ کي اهڙي پرڏيهي پاليسي ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيندو جيڪا ملڪ، عوام ۽ خطي جي لاءِ بهتر هوندي جنهن ۾ سڀني ڌرين جو مشورو شامل هجي ،جيڪڏهن انهي پرڏيهي پاليسي کي پارليامينٽ ذريعي آندو ويندو ته ان کان بهتر ڳالهه ٻي ڪا ٿي ئي نه ٿي سگهي ڇاڪاڻ ته پارليامينٽ ئي سڀني کان سپريم ادارو آهي جتي ئي ملڪ جي مستقبل جا فيصلا ٿيڻ گهرجن.