اسلام آباد : پي ٽي آءِ 70  قومي اسيمبلي ميمبرن جون استعيفائون منظور ٿيڻ باوجود قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر، پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جي چيئرمين ۽ پي ٽي آءِ جي پارلياماني ليڊر جي عهدن کان پي ٽي آءِ کي محروم ڪرڻ حڪومت لاءِ مشڪل عمل بڻجي ويو، 70 استعيفائون منظور ٿيڻ بعد به پي ٽي آءِ وٽ اهي ٽئي عهدا حاصل ڪرڻ لاءِ نمبر گيم موجود آهي، پي ٽي آءِ کي انهن ٽنهي عهدن کان محروم ڪرڻ لاءِ حڪومت جيڪڏهن پي ٽي آءِ ميمبرن جون وڌيڪ 35 استعيفائون منظور ڪري پوءِ به پي ٽي آءِ کي ٽنهي عهدن کان محروم ڪرڻ مشڪل هوندو  ”پنهنجي اخبار“ پاران قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي تيار ڪيل انگن اکرن مطابق قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پاران 4 ڏينهن ۾ پي ٽي آءِ جي 70 قومي اسيمبلي ميمبرن جون استعيفائون منطور ڪرڻ  کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ خالي ٿيل سيٽن جو تعداد 81 ٿي ويو آهي، جنهن کانپوءِ موجود ميمبرن جو تعداد 262 ٿئي ٿو، 70 استعيفائون منظور ٿيڻ کانپوءِ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ۾ شامل پارٽين جي ميمبرن جو تعداد 81 آهي، جن ۾ 74 پي ٽي آءِ، مسلم ليگ (ق) 2، جي ڊي اي 3، بلوچستان عوامي پارٽي هڪ ۽ جماعت اسلامي جو هڪ ميمبر شامل آهي، پي ٽي آءِ جي 74 ميمبرن ۾ 23 باغي يا ناراض ميمبر آهن جن کي ڪڍڻ کانپوءِ پي ٽي آءِ ميمبرن جو تعداد 51 بچي ٿو، جيڪي انگ اکر پي ٽي آءِ کي قومي اسيمبلي ۾ سڀ کان وڏي اپوزيشن جي پارٽي بڻائڻ لاءِ ڪافي آهن، جنهن بنياد تي قومي اسيمبلي جي رولز جي سيڪشن 39 تحت پي ٽي آءِ جا 51 ميمبر صحيحون ڪري موجوده اپوزيشن ليڊر راجا رياض کي هٽائڻ ۽ نئون اپوزيشن ليڊر مقرر ڪرڻ جي درخواست ڏئي سگهن ٿا، جنهن کانپوءِ اهو عهدو قانوني طور تي پي ٽي آءِ کي ڏيڻ ضروري ٿي ويندو، ائين اپوزيشن جي جماعت کي ئي پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جي چيئرمين شپ ملندي آهي، اپوزيشن ليڊر جو عهدو ملڻ کانپوءِ اهو عهدو به نور عالم کان واپس وٺي پي ٽي آءِ جي نامزد ميمبر کي ڏيڻو پوندو ۽ ائين پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي ۾ پنهنجو پارلياماني ليڊر مقرر ڪري سگهي ٿي، پي ٽي آءِ کي انهن ٽنهي عهدن کان محروم رکڻ لاءِ جيڪڏهن اسپيڪر پاران وڌيڪ 35 استيعفائون به منظور ڪيون وڃن ته ان بعد به پي ٽي آءِ جي ميمبرن جو تعداد 16 بچي ٿو، جنهن کانپوءِ پي ٽي آءِ جي ڊي اي جي ٽن، جماعت اسلامي جي هڪ، مسلم ليگ (ق) جي ٻن، بلوچستان عوامي پارٽي جي هڪ ميمبر جي حمايت حاصل ڪري ته پي ٽي آءِ ۽ حامي ميمبرن جو تعداد 23 ٿي ويندو، ايترو ئي تعداد پي ٽي آءِ جي باغي ميمبرن جو آهي ان صورت ۾ پي ٽي آءِ جي 23 باغي ميمبرن ۾ اختلاف هلندڙ آهن، جن مان جيڪڏهن هڪ 2 ميمبر باغي اتحاد مان نڪري پي ٽي آءِ جي سپورٽ ڪن ته ان صورت ۾ به پي ٽي آءِ کي اهي ٽئي عهدا ڏيڻا پئجي ويندا.