اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سينيٽ جي اجلاس ۾ وفاقي حڪومت گذريل 4 سالن دوران ملڪ اندر قتل ٿيل صحافين جا تفصيل پيش ڪندي ٻڌايو آهي ته 4 سالن ۾ مجموعي طور تي ملڪ اندر 42 صحافي قتل ٿيا، جن ۾ پنجاب صوبي 15، سنڌ صوبي ۾ 11، خيبر پختونخوا  ۾ 13، بلوچستان ۾ 3 صحافي قتل ڪيا ويا، پنجاب ۾ صحافين کي قتل ڪرڻ جي ڪيسن ۾ 26 جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، جن مان 7 گرفتار ٿيا، 2 ضمانت تي آهن، 5 گرفتار ۽ انڊر ٽرائل آهن، 8 روپوش ۽ 3 پوليس مقابلن ۾ ماريا ويا، هڪ جوابدار کي ڪورٽ بري ڪري ڇڏيو، سنڌ صوبي ۾ قتل ٿيل 11 صحافين جي قتل ڪيسن ۾ 11 جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وئي، جن مان 4 گرفتار ٿيل آهن ۽ 7 انڊر ٽرائل آهن، سنڌ ۾ جن 11 صحافين کي قتل ڪيو ويو انهن ۾ عزيز ميمڻ، اجي لالواڻي، علي شير راڄپر، مريد عباس، الياس وارثي، ذوالفقار علي مندراڻي، نور لنجواڻي، سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽ ناظم جوکيو، مرتضيٰ شر، اطهر متين، اشتياق سوڍڙو شامل آهن، سنڌ ۾ قتل ٿيل 11 ئي صحافين جا قتل ڪيس هلندڙ آهن، ڪنهن به ڪيس ۾ جوابدار کي 4 سالن دوران سزا نه ملي سگهي، ان حوالي سان ڳالهائيندي جماعت اسلامي جي سينيٽر مشتاق احمد چيو ته صحافين حامد مير، ابصار عالم، اسد طور، متيع الله جان تي حملا ڪندڙ جوابدار پڪڙيا وڃن ها ته ارشد شريف شهيد نه ٿئي ها، صوبائي ۽ وفاقي حڪومتون صحافين کي تحفظ ڏيڻ ۾ ناڪام ٿي ويون آهن، جي يو آءِ جي ڪامران مرتضيٰ چيو ته صحافي سچ لکڻ تي پنهنجي جان وڃائن ٿا، جيڪي صحافي شهيد ٿيا اهي ڪنهن خلاف سرگرم هئا جڏهن اهو معلوم ٿيندو ته قاتل به پڪڙيا  ويندا، پارلياماني مامرن جي وزير مرتضيٰ جاويد عباسي چيو ته ايتري تعداد ۾ صحافين جو قتل ٿيڻ ڳڻتي جوڳو آهي، گهرو وزارت ۽ سڌ سماءَ وزارت ان حوالي سان تفصيلي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪري، آئون به حيران ٿيو آهيان ته 50 سيڪڙو قتل ٿيل صحافين جا قاتل گرفتار نه ٿيا آهن،