اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ ن جي اڳواڻ ۽ وزيراعظم جي خاص مددگار عطاءُ الله تارڙ پي ٽي آءِ جي وڌيڪ 35 ميمبرن جي استعيفائن جي منظوري تي پي ٽي آءِ ۽ عمران خان تي ٺٺول ڪئي آهي. هن استعيفائن جي منظوري کي سرپرائيز قرار ڏيندي چيو ته هوڏانهن خان صاحب واپسي جي لاءِ ميٽنگ ڪري رهيو هو هيڏانهن پڪي واپسي ٿي وئي، اچڻو اٿو واپس اسيمبلي؟