اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ سومر ڏينهن 5 وڳي  ٿيندو، اجلاس ۾ اڄ کان ايندڙ مالي سال دوران مختلف وزارتن کي خرچن لاءِ گهربل رقم تي ٻڌل مطالبات زر تي بحث ۽ منظوري جو عمل شروع ٿيندو، سڀ کان پهريان انهن وزارتن جا مطالبات زر منظور ٿيندا جن جي خرچن ۾ ڪٽوتي جون رٿون اپوزيشن پاران جمع نه ڪرايون ويون آهن، جنهن کان پوءِ ڪٽوتي جي رٿن تي بحث ٿيندو ۽ مطالبات زر منظور ٿيندا.