لاهور (م ڊ) اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي خطاب دوران پي ٽي آءِ جي ورڪرز  ڪنوينشن ۾ ڀاڄ پئجي وئي. ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڀاڄ سبب هال جي در جو شيشو ٽٽي پيو. عمران خان جي روانگي وقت به ڪارڪنن جي پيهه نظر آئي جڏهن ته ان دوران ڀاڄ پئجي وئي. ورڪرز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي عمران خان جو چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن اعتبار جوڳو ناهي رهيو. هن چيو ته ٻن مهينن ۾ هن حڪومت ايتري مهانگائي ڪئي جيتري ٽن سالن ۾ ناهي ٿي.