ٺٽو (رپورٽ : اسماعيل ميمڻ) مڪلي ويجھو بيٺل سوزوڪي پڪ اپ سان تيز رفتار ڊمپر جو ٽڪر، بدين واسي 3 ڄڻا موقعي تي فوت، هڪ ٻارڙي ۽ 3 عورتون سخت زخمي، ان ڏس ۾ مڪلي  ويجھو شورا موري لڳ ٺٽو ڪراچي قومي شاهراهه تي بيٺل سوزوڪي پڪ اپ سان تيز رفتار ڊمپر جو ٽڪر ٿي پيو، نتيجي ۾ بدين واسي 3 ڄڻا ڪريم بخش پٽ قادر بخش سامي، غلام حسين لغاري ۽ سوزوڪي پڪ اپ ڊرائيور ممتاز گوپانگ موقعي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته 3 عورتون سوناري زال ڪريم بخش، رخسانه زال شوڪت، بشيران زال پرويز ۽  هڪ سال جي ثمينه زخمي ٿي پيا، اطلاع تي  پوليس حادثي واري هنڌ پهچي زخمين ۽ فوتين جا لاش اسپتال متنقل ڪيا،  ٻڌايو پيو وڃي ته خوفناڪ حادثي جي ور چڙهيل بدين واسي ڪراچي کان بدين وڃي رهيا هئا جن جي سوزوڪي پڪ اپ مڪلي ويجھو روڊ ڀرسان بيٺل هئي ته پٺيان کان ايندڙ تيز رفتار ڊمپر جو سوزوڪي سان خوفناڪ ٽڪر ٿي پيو،  ٻي طرف پوليس موجب  ڊرائيور ڊمپر سوڌو فرار ٿي ويو آهي.