ڪڙيو گهنور (ن پ ا)  ڪڙيو گهنور ويجهو ڳوٺ مولوي علي محمد مهيري لڳ سومرا فارم   ۾   25 ورهين جي نوجوان مڪيش ڪولهي پنهنجي گهر اندر ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، جڏھن ته خودڪشي جو ڪارڻ نوجوان جي ذھني توازن درست نه هئڻ ٻڌايو پيو وڃي،  ان حوالي سان نوجوان جي  والد شونو ڪولهي ٻڌايو ته اسين سارين جي رونبي تي ويل هئاسين، نوجوان جو ذهني توازن درست نه هو، جنهن ڪري هن اهڙو قدم کنيو آهي. جڏهن ته نوجوان جي وارثن  لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.