اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جو اجلاس ري شيڊول ڪيو ويو، قومي اسيمبلي جو اجلاس هاڻي 27 جنوري بدران 31 جنوري تي ٿيندو، قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف پنهنجي اختيارن تحت اجلاس 31 جنوري شام جو 5 وڳي طلب ڪيو آهي، ان کان پهريان هي اجلاس 27 جنوري تي  ڏينهن جو 11 وڳي ٿيڻو هو،  اجلاس ملتوي ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.